اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به شهري علائقي کي نشانو نه بڻايو آهي.پرڏيهي اخبارن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان صحيح انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي افغانستان اندر شدت پسندن جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به شهري علائقي کي نشانو نه بڻايو آهي، پاڪستان صرف دهشتگردن جي انفراسٽرڪچر ۽ انهن جي مدد واري نظام کي نشانو بڻائي رهيو آهي.هن چيو ته افغان طالبان حڪومت پاران پيش ڪيل خيالي انگ اکر ڪنهن به سنجيده تبصري جي لائق نه آهن، ۽ افغان وزارت دفاع جي ترجمان پاران پاڪستان خلاف جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابين جا دعوائون صرف پروپيگنڊا آهن.اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان حڪومت ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن پاران افغان شهري جي قتل جي خبرن جي به ترديد ڪئي.هن چيو ته ڪابل ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي جي معلومات مڪمل طور تي طالبان حڪومت تي منحصر آهي. افغان طالبان ۽ فتنه الخريج جي دهشتگردن جا گڏيل حملا تصديق ڪن ٿا ته افغان طالبان حڪومت ۽ افغانستان جي سرزمين تان ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي دهشتگرد تنظيمن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ آهي.عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته افغان طالبان حڪومت جي سڀني حملن جو فوري ۽ اثرائتي جواب ڏنو ويو، پاڪستان دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن کي صحيح طور تي نشانو بڻايو، جنهن ۾ افغان طالبان جا فوجي اڏا به شامل آهن.










