ڊي آءِ خان ۾ قلم 144 لاڳو، مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ معطل

ڊي آءِ خان ۾ قلم 144 لاڳو، مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ معطل

ڊي آءِ خان )ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر ڊيرا اسماعيل خان ۾ قلم 144 تحت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، اڄ مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ معطل رهندي.نوٽيفڪيشن موجب پابندي اڄ صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين لاڳو رهندي، ڊيرا ٽينڪ روڊ طارق شهيد کان ڀگووال تائين بند رهندو.نوٽيفڪيشن موجب پوٽا هٽالا بازار کي صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين بند رکڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.ڊي سي موجب ايمبولينس، فائر برگيڊ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي استثنيٰ ڏني ويندي.ايمرجنسي جي صورت ۾ پوليس يا سيڪيورٽي فورسز جي اجازت سان محدود حرڪت جي اجازت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو