حڪومت 55 رپين جو اضافو ڪري عوام کي جيئري دفن ڪري ڇڏيو

حڪومت 55 رپين جو اضافو ڪري عوام کي جيئري دفن ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ نام نهاد جعلي حڪمرانن پاران رات جي اونڌاهي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ۽ عوام مٿان ڪارپٽ بمباري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پنهنجين شاه خرچين، پروٽوڪول ۽ ناز نخرا ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي. پر مهانگو تيل خريد ڪرڻ کان اڳ ئي بين الاقوامي بحران جو سڄو بار عوام تي وجهي ڇڏيو ويو. حڪومت ذخيرو موجود هئڻ باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي آءِ ايم ايف کي راضي ۽ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، قوم هن وقت في لٽر پيٽرول تي 120 رپيا ٽيڪس ادا ڪري رهي آهي جيڪو سراسر ظلم آهي..جيڪڏهن اهو عالمي مسئلو آهي ته پوءِ ان جو سمورو بار رڳو عوام تي ڇو پيو ڪيرايو وڃي؟ حڪمرانن تي ڇو نه؟عوام دشمن حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ 55 رپين جو اضافو ڪري عوام کي جيئري دفن ڪري ڇڏيو آهي، رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي جي طوفان سبب سخت اذيت جو شڪار آهي مٿان وري ايران آمريڪا جنگ جو بهانو بڻائي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي ڪري مهانگائي جو جيڪو طوفان ايندو اهو عوام جي برداشت کان ٻاهر هوندو. حڪمران پنهنجا شاهاڻا خرچ گهٽ ڪرڻ بدران هر شيءِ جو بار عوام مٿان وجهي رهيا آهن، جج، جرنيل، وزير، مشير توڙي سرڪاري آفيسر مُفت پيٽرول، مُفت گاڏيون ۽ مفت بجلي جون مراعاتون حاصل ڪري رهيا آهن، پر هر ڀيري عوام کي ئي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو آهي. جيڪڏهن پيٽروليم ڪرائسز آهي ته حڪمران پنهنجي مراعاتن ۾ گهٽتائي ڇو نٿا ڪن. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي کان پوءِ عام واهپي کان ويندي ٽرانسپورٽ تائين هر شيءِ جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا آهن، بيروزگاري، معاشي بحران توڙي مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو اڳ ۾ ئي بجلي، گيس جا ڳرا بل، ٻارن جي اسڪول جي فيس توڙي گهريلو خرچ پورا ڪرڻ لاءِ به پريشان آهي مٿان وري ظالم ۽ بي حس حڪمران ٽولي پاران هڪ هفتي اندر پيٽرول جي اگهه ۾ 63رپين جو اضافو عوام مٿان ڪارپٽ بمباري وانگر آهي جنهن سان عام ماڻهوءَ جيئري ئي دفن ٿي ويندو. حڪمران آمريڪي خوف سبب روس کان سستو تيل وٺڻ بدران عوام جو رت چوسڻ ۾ مصروف آهن، جيڪڏهن حڪومت وٽ 28 ڏينهن جا ذخيرا موجود هئا ته پوءِ في الفور پيٽرول جا اگهه ڇو وڌايا ويا، پيٽروليم ليوي گهٽائي عوام کي رليف ڏئي پيو سگهجي، پر بي حس حڪومت ليوي ۾ 20 رپين تائين اضافو ڪري اڳ ۾ ئي مهانگائي جي شڪار عوام جي کيسن تي 03 ارب ڊالرز جو بار وجهي وڏو ظلم ڪيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. جنهن ملڪ ۾ اربين رپين جا جهاز جواءِ رائيڊ لاءِ خريد ڪيا وڃن، اربين جا اثاثا ڪوڙين ۾ وڪرو ڪيا وڃن ۽ عوام جو رت نچوڙي هڪ ئي ڏينهن ۾ پيٽرول 55 رپيا وڌايو وڃي، ته پوءِ اهڙن بي حس حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام دشمن ئي چئي سگهجي ٿو. صوبائي امير حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته في الفور پيٽرول جا وڌايل اگهه واپس وٺي عوام کي رليف ۽ سرڪاري خرچ گهٽائڻ سميت وزيرن، مشيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جو مُفت پيٽرول بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ عوام سان گڏجي ڀرپور احتجاج ڪندي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو