اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم معاشي ترقي، سادگي ۽ بچت جي بنياد تي هڪ لائحه عمل تيار ڪرڻ ۽ ماڻهن تي بار گهٽ ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.موجوده عالمي تناظر ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تازين ڇڪتاڻ ۽ خطي تي انهن جي معاشي اثرن تي بريفنگ ڏني وئي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪميٽي جي سفارش تي ڪيو ويو، جنهن ۾ عالمي واڌ جو گهٽ ۾ گهٽ بار صارفين تي منتقل ڪيو ويو.وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ فعال طور تي ڪم ڪري ۽ جلد کان جلد عوام لاءِ آسان ۽ قابل عمل سفارشون پيش ڪري.شهباز شريف چيو ته ڪو به پيٽرول پمپ يا ڪمپني مصنوعي قلت پيدا ڪرڻ يا ذخيره اندوزي ۾ ملوث ملي ته ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، اهڙن پيٽرول پمپ يا ڪمپنين جو لائسنس رد ڪيو وڃي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ پيٽروليم واري وزير کي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ۽ چيو ته اهي صوبائي حڪومتن سان گڏجي پيٽروليم شين جي بچت ۽ عوام کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ منصوبو ۽ ايڪشن پلان تيار ڪن.










