ٽانڪ: (ويب ڊيسڪ) پوليس پاڪ فوج سان گڏجي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻايو.پوليس ذريعن موجب، دهشتگردن تنگي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، دهشتگرد حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو، پوليس ۽ فوج جي جوابي ڪارروائي کان پوءِ حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس مارٽر گولا ۽ 16 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو ضبط ڪيو، ڊي پي او پوليس اهلڪارن کي نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي دشمنن جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندا.










