ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي متفق هو، اڳڀرائي باوجود حملو ڪيوويو

ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي متفق هو، اڳڀرائي باوجود حملو ڪيوويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي متفق ٿي ويو هو، ايٽمي ڳالهين ۾ بهتر اڳڀرائي جي باوجود ايران تي حملو ڪيو ويو، ايران تي حملو ٿيو ته پاڪستان کليل طريقي سان انهي جي مذمت ڪئي.سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار آمريڪا ۽ اسرائيل جي طرفان ايران تي حملي ۽ ايران جي مختلف ملڪن تي جوابي حملن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي پاليسي بيان ڏنو. اسحاق ڊار چيو ته ايران کي سعودي عرب جي زمين حملن جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي يقين دهاني پاڪستان ڪرائي، ايران جي معاملي تي پاڪستان جي پرخلوص سفارتي ڪوششن کي ملڪ جي اندر غلط رنگ ڏيڻ مناسب نه آهي.اسحاق ڊار ايوان کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪوششن جي باري ۾ ايراني قيادت چڱي ريت آگاهه آهي. جڏهن پاڪستان وٽ سلامتي ڪونسل جي صدارت هئي انهي وقت به اسان آمريڪا ۽ اسان جي مسئلي تي ڪيترائي مباحثا ڪرايا.. هن ٻڌايو ته آمريڪا ۽ ايران جي ڳچ ۾ ڳالهين جو عمل ڪاميابي سان هلي رهيو هو جنهن ۾ عمان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، وڏا پراميد هئا ته ايران ڳالهيون بهتر طريقي سان ٿي رهيون آهن. انهي دوران ايران تي گذريل سال جون جيان حملو ڪيو ويو.هن چيو ته منهنجي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان به ملاقات ٿي ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي متفاق ٿي ويو هو. پاڪستان ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال سان ايران جي حق جي حمايت ڪئي، آمريڪا ايران جي سمورن ايٽمي پروگرامن کي مڪمل ختم ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته اسان ايران کي پرامن ايٽمي پروگرام جاري رکڻ جي ڳالهه مڃرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو