اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي افغانستان ۾ اثرائي جوابي ڪارروائي ۾ هيل تائين 415 افغان طالبان مارجي ويا آهن ۽ 580 زخمي ٿيا آهن.آپريشن غضب للحق جي حوالي سان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته افغان طالبان جون 182 چيڪ پوسٽون مڪمل طور تباهه ٿي ويون، جڏهن ته 31 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته افغان طالبان جون 115 ٽينڪون، آرمڊ وهيڪلز، آٽلري گنز مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، افغانستان ۾ 46 جاين کي فضائي ڪارروائي ۾ اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو آهي. پاڪستان ۾ افغانستان جي دراندازي، حملن ۽ دهشتگردن جي مدد خلاف پاڪستاني فوج جو آپريشن غضب للحق جاري آهي.پاڪستاني فوج افغان طالبان جي هيڊ ڪوارٽر پوسٽ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. پاڪستاني فوج افغان طالبان جي ڪمپائونڊ کي صاف ڪري ڇڏيو ۽ دشمن جا جهنڊا هٽائي ڇڏيا.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستاني فوج سرحد تي افغان طالبان جي جارحيت جو مؤثر جواب ڏئي رهي آهي. 28 فيبروري تي پاڪستاني فوجين جي افغانستان ۾ داخل ٿيڻ جي هڪ وڊيو پڻ منظر عام تي آئي آهي.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن غضب الحق اڃا تائين جاري آهي ۽ مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو.وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ موجب، ڇنڇر جي صبح تائين آپريشن ۾ 352 طالبان مارجي ويا ۽ 535 زخمي ٿيا، انهن جي 130 چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 26 کي پاڪستاني فورسز قبضو ڪري ورتو آهي.










