اسلام آباد ۽ ڪي پي ۾ 5.6 جي شدت جو زلزلو

اسلام آباد ۽ ڪي پي ۾ 5.6 جي شدت جو زلزلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ خيبر پختونخواهه جي آس پاس ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.سيسمولوجيڪل سينٽر موجب وفاقي گادي واري شهر کان علاوه مانسهره، بٽگرام، سوات، مردان، صوابي، پشاور، باجوڙ، چترال جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلا محسوس ڪيا ويا.ساڳئي طرح زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي متاثر علائقن ۾ ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلا شام 4:12 تي محسوس ڪيا ويا.ٻئي طرف، سيسمولوجيڪل سينٽر وڌيڪ چيو ته زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جبلن جي قطار هئي. اڃا تائين ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو