اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ خوارج جي ٺڪاڻن تي پاڪستاني فورسز جي هوائي حملن ۾ 80 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن.پاڪستان گذريل رات افغانستان جي ٽن صوبن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي ڳجهي اطلاع تي هوائي حملا ڪيا، ننگرهار، پڪتيڪا ۽ خوست ۾ فتنا الخوارج ٽي ٽي پي جا 7 مرڪز تباهه ڪري ڇڏيا.سڪيورٽي ذريعن موجب هوائي حملن ۾ 80 کان وڌيڪ خوارج جي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي،










