اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغان نائب سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال تي ڊي مارش ڪيو ويو آهي.خميس ڏينهن هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آهي ته افغانستان جي سرزمين اڃا به پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.هنن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي سموري قيادت افغانستان ۾ موجود آهي ۽ افغان سرزمين تان سرعام ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي سرگرم آهن.ترجمان واضح ڪيو ته افغان سفير کي ٻڌايو ويو آهي ته اهڙا واقعا ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي امن لاءِ نقصانڪار آهن.طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف اثرائتي ۽ جوڳي ڪارروائي ڪري.واضح رهي ته 16 فيبروري تي خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي هڪ دهشتگرد حملو ٿيو هو، جنهن ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.آءِ ايس پي آر طرفان ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو هو ته حملي جي نتيجي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ نينگري شهيد ٿيا.آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردن بارودي مواد سان ڀريل هڪ گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي جنهن جي نتيجي ۾ چيڪ پوسٽ جي عمارت تباهه ٿي وئي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان غزا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو پر اسان حماس کي هٿيار ڇڏرائڻ ۾ شامل نه ٿينداسين. وزيراعظم نيو يارڪ ۾ موجود آهي، جيڪو ٽرمپ جي دعوت تي آمريڪا جي دوري تي آهي، وزيراعظم غزا بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، گڏوگڏ اهم آمريڪي اختيارين سان ملاقات جو به امڪان آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به نيو يارڪ ۾ موجود آهي، نائب وزيراعظم فلسطيني مستقل نمائندي ۽ مصري پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان غزا ۾ رڳو امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪندو، بورڊ آف پيس سان اميدون جڙيل آهن، جنهن سان غزا جي صورتحال بهتر ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن گروپ يا تنظيم خلاف ڪنهن فيصلي جو حصو نه بڻجندو.ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته اسان امن عمل ۾ شريڪ ٿينداسين پر حماس کي هٿيار ڇڏرائڻ ۾ شامل نه ڏينداسين، اميد ته غزا بورڊ آف پيس غزا جي عوام جون تڪليفون گهٽائيندو.










