پنجاب،رمضان  ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

پنجاب،رمضان ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪھ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز رمضان المبارڪ دوران سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي قدم سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن مسجدن، امام بارگاهن ۽ عبادت گاهن جي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي، انهي سان گڏ بازارن، مارڪيٽن ۽ عوامي هنڌن تي اضافي اهلڪار مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.مريم نواز جمعي ۽ تراويح جي نماز لاءِ حساس هنڌن تي خاردار تار سان 3 پرتن وارو سيڪيورٽي پلان پڻ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.پنجاب جي وڏي وزير عبادت گاهن ۽ ان جي چوڌاري پوليس گشت، چيڪنگ ۽ سرچ آپريشن کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.مريم نواز چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي هر وقت يقيني بڻايو وڃي.هن رمضان المبارڪ جي مهيني دوران سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو