اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي فوجي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جي پاڪستاني ڪشمير تي حملي جي ڌمڪي هندوستان ۾ هلندڙ افراتفري تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ميجر جنرل آصد غفور چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
هن اهڙو بيان ڀارتي آرمي چيف منوج مڪنڊ نرواني نئين دلي ۾ عهدو سنڀالڻ بعد پهرين ميڊيا ڪانفرنس ۾ جاري ڪيو هو. جنهن ۾ هن چيو هو ته پورو ڪشمير ڀارت جو آهي ۽ ان باري ۾ پارليمان جي قرار داد موجود آهي. جيڪڏهن پارليمان حڪم ڏئي ته ڀارت فوج پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ گهڙي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن اهو به چيو هو ته پاڪستاني ڪشمير شدت پسندن جي اڏن تي اسان کي ڪاروائي جو حق آهي. پاڪستان جي فوجي ترجمان چيو ته اهو ڀارت جو معمول جو ورجاءُ آهي ۽ پاڪ فوج هر وقت تيار آهي. ياد رهي ته گذريل سال فيبروري ۾ ڀارتي فوج ايبٽ آباد لڳ پي لوڊ ڪيرائي سرحدي خلاف ورزي ڪئي هئي جنهن بعد پاڪستان ڀارت جا 2 جهاز تباهه ڪيا هئا ۽ هڪ پائلٽ به گرفتار ڪيو هو. ڀارت ۾ شهريت جي منظور ڪيل تڪراري قانون خلاف لکين شاگرد ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو ڪيترن هفتن کان سراپا احتجاج آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڪيترن مهينن کان افرا تفري آهي ۽ هو اندروني حالتن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان تي حملن جا بيان ڏيندا رهندا آهن.










