عالمي بينڪ جو پاڪستان لاءِ پروگرامن تي عملدرآمد جو ورجاءُ

عالمي بينڪ جو پاڪستان لاءِ پروگرامن تي عملدرآمد جو ورجاءُ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 20 ارب ڊالر جي 10 سالن جي پروگرام تي عملدرآمد جو ورجاءُ ڪيو آهي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سعودي عرب ۾ ورلڊ بينڪ جي ايم ڊي سان ملاقات ڪئي.ناڻي واري وزارت موجب، اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ورلڊ بينڪ جي وچ ۾ ترقياتي فريم ورڪ تي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ توانائي، تعليم، صحت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون ۽ قرض جي بدلي ۾ ترقياتي منصوبن تي به بحث ڪيو ويو.ناڻي واري وزارت موجب، ورلڊ بينڪ مختلف منصوبن جي عملدرآمد کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ پاڪستان جي معاشي سڌارن لاءِ مسلسل مدد جو يقين ڏياريو.ٻئي طرف، ناڻي واري وزير سعودي سيڙپڪاري وزير فيصل بن فاضل ابراهيم سان پڻ ملاقات ڪئي.ان موقعي تي، سعودي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستاني صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو