پي ايس ايل، مختلف فرنچائيزز پاران اهم فيصلن جو اعلان

پي ايس ايل، مختلف فرنچائيزز پاران اهم فيصلن جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جي يارهين ايديشن جون تياريون جاري آهن. انٽرنيشنل پليئرز جي رجسٽريشن ۽ هر فرينچائيز کي هر هڪ ڪيٽيگري ۾ هڪ هڪ پليئر رٽين ڪرڻ لاءِ اڄ 3 فيبروري آخري تاريخ هئي. پليئرز جو آڪشن 11 فيبروري تي ٿيندو.
ڪراچي ڪنگز پاران 4 پليئر رکڻ جو اعلان
ڪراچي ڪنگز ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ سعد بيگ، گولڊ ڪيٽيگري ۾ خوشدل شاهه، ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ عباس آفريدي ۽ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ حسن علي کي رٽين ڪيو آهي۔
پي ايس ايل ۾ اڳ ۾ موجود ڇهه فرنچائزون 3 فيبروري تائين هر ڪيٽيگري ۾ هڪ هڪ پليئر رکڻ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ 3 فيبروري جي ڊيدلائين هئي.
فرنچائزون چار مختلف ڪيٽيگرين ۾ هڪ، هڪ رانديگر کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ برقرار رکي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڇهن فرنچائزن ۾ برقرار نه رهندڙ رانديگرن کي ٻه نيون فرنچائزون پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهنديون۔
نيون فرنچائزون به چار مختلف ڪيٽيگرين ۾ هڪ، هڪ رانديگر شامل ڪنديون. انهن کي چار، چار رانديگرن جي حتمي فهرست 6 فيبروري تائين طئي ڪرڻ جي مهلت ڏني وئي آهي، جڏهن ته رانديگرن جو آڪشن 11 فيبروري تي ٿيندو۔
ٻئي پاسي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٽيم ملتان سلطانز جي اڳوڻي مالڪ علي ترين هڪ ڀيرو ٻيهر پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطانز خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
پشاور زلمي، بابر رهندو پر صائم ايوب آزاد
پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي ڪپتان بابر اعظم کي رٽين ڪرڻ ۽ صائم ايوب کي رليز ڪرن جوفيصلو ڪيو آهي. هي ٻئي پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ هئا ۽ رولز موجب ڪنهن به ڪيٽيگري ۾ هڪ رانديگر کي رکي سگهجي ٿو. صائم ايوب آڪشن لاءِ دستياب هوندو. پي ايس ايل جي سڀني فرنچائيزز کي اڄ تائين فيصلو ڪرنو آهي ته ڪهڙا پليئر رکنديون ڪهرن کي رليز ڪيو ويندو.
سيالڪوٽ اسٽالينز اسٽيو سمٿ کي شامل ڪري ڇڏيو
پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي نئين فرنچائز سيالڪوٽ اسٽالينز اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
اسٽيو اسمتھ هن وقت تائين آسٽريليا جي نمائندگي ڪندي 67 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏي چڪو آهي، جن ۾ هن 1094 رنز ٺاهيون آهن، جن ۾ 5 ففٽيون به شامل آهن۔
ان کان اڳ سيالڪوٽ اسٽالينز اڳوڻي آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽم پين کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو هو۔
ٽم پين آسٽريليا جي طرفان 35 ٽيسٽ ۽ 35 ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کيڏي چڪو آهي، جڏهن ته ٽيسٽ فارميٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني به ڪئي آهي۔
ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جا گلوبل ميديا رائيٽس نيلام
ايڇ بي ايل، پي ايس ايل 11 جا گلوبل ميڊيا رائيٽس ولي ٽيڪنالوجيز کي وڪرو ڪيا ويا آهن. پي ايس ايل انتظاميا اهو ته ناهي بڌايو ته ڪيترن پيسن م نيلامي ٿي آهي پر ايترو ٻڌايو آهي ته پوئين ايديشن کان 149 سيڪڙو وڌيڪ رقم ۾ نيلامي ٿي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو 11هون ايڊيشن 26 مارچ کان 3 مئي تائين کيڏيو ويندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو