دبئي(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات سياحت کي وڌائڻ لاءِ پنج سالن جو ملٽي پل ويزا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي سربراهي ۾ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. دبئي ميڊيا آفس جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سڀني ملڪن جي شهرين کي 5 سال لاءِ جاري ٿيندڙ ٽوئرسٽ ويزا تي جيترا ڀيرا ڪير چاهي هو اچي سگهندو. گذريل سال متحده عرب امارات خاص ڪري دبئي ۾ 2 ڪروڙ 10 لک سياح آيا هئا. دبئي حڪومت جو خيال آهي ته ويزا جي نئين سهولت بعد سياحن جو تعداد اڃا وڌي ويندو.










