متحده عرب امارات پاران 5 سالن لاءِ ملٽي پل ٽوئرسٽ ويزا جو اعلان

متحده عرب امارات پاران 5 سالن لاءِ ملٽي پل ٽوئرسٽ ويزا جو اعلان

دبئي(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات سياحت کي وڌائڻ لاءِ پنج سالن جو ملٽي پل ويزا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي سربراهي ۾ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. دبئي ميڊيا آفس جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سڀني ملڪن جي شهرين کي 5 سال لاءِ جاري ٿيندڙ ٽوئرسٽ ويزا تي جيترا ڀيرا ڪير چاهي هو اچي سگهندو. گذريل سال متحده عرب امارات خاص ڪري دبئي ۾ 2 ڪروڙ 10 لک سياح آيا هئا. دبئي حڪومت جو خيال آهي ته ويزا جي نئين سهولت بعد سياحن جو تعداد اڃا وڌي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو