ڳڙهي خدا بخش(ن س) شهيد بي بي جي 18 هين ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته الله اسانکي موقعو ڏنو ۽ اسين ملڪ لاءِ اهرو ڪجهه ڪيو جو ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو، شڪر ڪريو ڀارت وارا، اسين اوهانجا سڀ جهاز ڪيرائي سگهون پيا. ڀارت ياد رکي ته هتي پيپلز پارٽي ۽ صدر زرداري ويٺا آهن، اسين ملڪ جو دفاع ڪنداسين، اوهان 4 ڏينهن نه بيهي سگهيا، اها دل، گردا ۽ جگر ڪٿان آڻيندا جيڪو اسانجي آرمي چيف، ايئر چيف ۽ فوجي قيادت وٽ آهي. هن چيو ته اسانجي ڌرتي ماءُ کي جڏهن به ضرورت پئي ته اسين تن من ۽ ڌن قربان ڪنداسين. هن چيو مان جڏهن به جيلن ۾ ويس ته مون ورڪرن کي ٻاهر ڪو نه ڪڍيو، مون هنن سان اڪيلي منهن ڏنو، اهو حصلو ۽ سبق شهيد بي بي کان مليو. هن افعانستان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جيڪو به اسانجي سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسندو ان کي به ڀارت جهڙو جواب ڏينداسين. هن چيو ته اسانکي دفاع مضبوط رکڻو پوندو، اسين اڳرائي نه ڪندا آهيون پنهنجو دفاع ڀرپور ڪندا آهيون. هن عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ بيوقوف شخص ساڍن چار سالن ۾ دنيا ۾ اسانکي تنها ڪيو. هن چيو ته جنگ لڳي ته مونکي چيو ويو ته اوهين بنڪر يعني مورچي ۾ وڃو، مون چيو مان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.










