شرپسند ماڻهن 7 لک رپين جي ماليت جو باردانو ساڙي ڇڏيو

شرپسند ماڻهن 7 لک رپين جي ماليت جو باردانو ساڙي ڇڏيو

پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) پريالوءِ ڀرسان الرا جاگير جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم الدين اوڍو جي رهواسي ٻن زميندارن حاجي مڪي اوڍو ۽ رئيس خادم حسين اوڍو جي ڳوٺ ٻاهران سندن الڳ الڳ زمين ۾ رکيل کارڪون سڪائڻ جي باردانن ( ٽوئا، تڏا ) کي نامعلوم شرپسند ماڻهن باهه ڏئي فرار ٿي ويا. بارداني کي لڳل باهه ڏسي علائقي واسين ڄاڻايل ٻنهي زميندار  کي اطلاع ڪيو ته متاثر زميندارن سميت اوڍا برادري جا ڪيترائي ماڻهون باهه وسائڻ لاءِ پهتا پر باهه نه وسائي سگهيا جنهن ڪري ٽوئا ۽ تڏا سڙي وڃڻ ڪري 7 لک روپيه ماليت جو نقصان ٿي ويو. ڄاڻايل زميندار حاجي مڪي اوڍو جو چوڻ آهي ته ساڻس ڪنهن سان به دشمني نه آهي تنهن ڪري خبر ناهي ته ڪنهن ساڻس جو نقصان ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو