ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج، حليم عادل ڪارڪنن سميت گرفتار

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج، حليم عادل ڪارڪنن سميت گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ ٻين کي حراست ۾ ورتو ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو، حليم عادل شيخ پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ مظاهري لاءِ پهتو. حليم عادل شيخ چيو ته مظاهرو ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو پي ٽي آءِ جي باني، جيڪو اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، کي ساڻس ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي.پوليس چيو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن کي مختلف پوليس اسٽيشنن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو