اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)خيبر پختونخوا جي وزيراعلى سهيل آفريدي، اڊيالا جيل ۾ قيد پنهنجي پارٽي جي باني عمران خان سان خميس تي ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي روڊ تي ڌرڻو هڻي رات گذاري. هي اٺون ڀيرو هو جو هن ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر اختيارين کيس ملڻ نه ڏنو. سخت سردي سبب هو ۽ سندس ساٿي باهه ٻاري هٿ سيڪيندا رهيا ۽ صبح جو اهو چئي ڌرڻو ختم ڪيو ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات لاءِ وڃن ٿا. جنهن بعد هو عدالت پهچي ويو. ڌرڻو خميس جي منجهند کان شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪابينا جا ميمبر به شامل هئا. پي ٽي آءِ پاران ايڪس تي پوسٽ ڪيل وڊيوز ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته وزيراعلى آفريدي جمعي جي صبح ٻين ڪارڪنن سان گڏ جيل ٻاهران فجر جي نماز ادا ڪئي. پارٽي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ڌرڻي جي لائيو ڪوريج به ڏيکاري وئي. لائيو اسٽريم ۾ ڳالهائيندي ڪي پي وزيراعلى اعلان ڪيو ته هو ڌرڻو ختم ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (آءِ ايڇ سي) سان رجوع ڪندا. هن چيو: “اسان هاڻي آءِ ايڇ سي وٽ وينداسين، ته جيئن چيف جسٽس سان ملاقات ڪري سگهون.” ٿڌ کان بچڻ لاءِ ميٽائي رنگ جي شال ۾ ويڙهيل آفريدي چيو: “اسان چونداسين ته توهان جي ٽن ججن ملاقات جو حڪم ڏنو هو، اسان جي سڀني وڪيلن جي موجودگي ۾ جيل سپرينٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي وئي هئي ته ملاقات ڪرائي وڃي.” گذريل مهيني آءِ ايڇ سي جي ٽن ميمبرن واري بئنچ اڊياله انتظاميا کي حڪم ڏنو هو ته آفريدي ۽ عمران جي ملاقات جي اجازت ڏني هئي پر اڃا ان تي عمل ناهي ٿيو. وزيراعلى پراڻن عدالتي حڪمن کي ياد ڪندي چيو: عدالتي حڪم بلڪل صاف هو ته خان صاحب کي هر اڱاري تي خاندان ۽ خميس تي وڪيلن۽ پارٽي قيادت سان ملاقات جي اجازت هوندي.” هن چيو: “مون کي لڳي ٿو ته عدالتن کي پنهنجي حڪمن تي عمل ڪرائڻ گهرجي، نه ته پوءِ اهو جهنگ جو قانون بڻجي ويندو.” آفريدي چيو ته هو عمران سان ملاقات لاءِ سڀ دستوري ۽ قانوني رستا استعمال ڪري چڪو آهي، هن پڇيو: “هاڻي مون وٽ ٻيو ڪهڙو رستو بچيو آهي؟” هن چيو ته هو اڃا تائين جواب جو منتظر آهي: “اسان کي ڪالهه به شڪ هئا، ۽ اڄ به آهن، ڇاڪاڻته اسان اڃا تائين ملاقات نٿا ڪري سگهون.” آفريدي شڪايت ڪئي ته عدالتي حڪمن باوجود، مونکي، خاندان وارن، وڪيلن يا پارٽي اڳواڻڻ کي ملڻ نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته خان جي ڀينرن سان بدسلوڪي ڪئي پئي وڃي.آفريدي چيو: “توهان پاڻ ڏٺو هوندو ته انهن سان ڪيئن ورتاءُ ڪيو ويو، انهن جا وار ڇڪي بي عزتي ڪئي وئي. اهڙا حربا اسان جي ليڊر جو حوصلو ٽوڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.” هن وڌيڪ چيو ته عمران جي زال بشريٰ بي بي، “جيڪا هڪ پاڪ صاف عورت آهي”، کي به هدف بڻايو ويو آهي ته جيئن عمران کي ٽوڙيو وڃي. “اهڙين حرڪتن جي مهذب سماج ۾ ڪا جاءِ ناهي، وزيراعلى مايوسي ظاهر ڪندي چيو ته عدالتون به انتظاميا کان پنهنجن حڪمن تي عمل نٿيون ڪرائي سگهن. “سڄي ڏينهن، سڄي رات ۽ هاڻي صبح ٿي وئي، پر مون کي اڃا تائين ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي،” سهيل آفريدي ۽ سندس ساٿين اديالا جيل ڏانهن مارچ ڪرڻ چاهيو پر پوليس جي وڏن اٽالن کين فيڪٽري ناڪي وٽ روڪي ڇڏيو. آفريدي چيو ته وفاقي حڪومت اسانجي صوبي سان ماٽيلي ماءُ جهڙو ورتاءُ ڪيو آهي،” “جيڪڏهن 2.5 ڪروڙ ماڻهن جي نمائندي سان اهو سلوڪ ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ سموري ملڪ لاءِ اهو سٺو اشارو ناهي.” هن ڌمڪي آميز انداز ۾ چيو ته “اهي ماڻهو فيصلو ڪن ته هو ڪهڙي پاسي بيٺل آهن. جيڪڏهن انهن جو رويو اهڙو رهيو ته پوءِ اسان به آخري آپشن استعمال ڪنداسين،” هن ان جا وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا.
پي ٽي آءِ جي عمران جي صحت بابت پريشاني
پي ٽي آءِ چيو ته عمران خان جي صحت بابت شديد خدشا آهن، ڇاڪاڻته کيس ٽن هفتن کان پنهنجي وڪيلن ۽ گهروارن سان ملڻ نه ڏنو پيو وڃي. سابق وزيراعظم جي مددگار ذلفي بخاري چيو ته 4 نومبر کان اڄ تائين ڪنهن به عمران کي نه ڏٺو آهي، ۽ ملاقاتن کان روڪڻ جو ڪو به سبب ناهي ٻڌايو ويو. بخاري چيو: “اسان کي هن جي صحت بابت ڳڻتي آهي. هن جي غيرقانوني اڪيلائيءَ تي سخت پريشان آهيون.” ٻئي پاسي رائٽرز جي رپورٽ ۾ هڪ جيل آفيسر، جنهن نالو ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ٻڌايو ته عمران جي صحت ٺيڪ آهي ۽ کيس ڪنهن ٻئي جڳهه منتقل ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي.
ڀارت ۽ افغانستان کان آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو اڳتي آهيون، ترجمان
اڌ چوري واپس، بائنانس پاران رقم ڪڍائڻ جي سهولت بحال
جرمني ۾ پرتشدد مظاهرا، ڦر لٽ، يورپ جي ٻين ملڪن به احتجاج
خانپور پوليس مبينا مقابلو،ڏوهاري مارجي ويو
صوبن ۽ 28هين ترميم خلاف عوامي تحريڪ جون ڪانفرنسون
پاڪستان گروپ 24 جي صدارت سنڀالي ورتي
پاڪستان کي دهشتگرد حملن جو نشانو بڻجندي نٿا ڏسي سگهون
سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري
گهريلو ڪنيڪشنن تي پابندي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ
ايل پي جي اڳواڻ پاران 16 نومبر کان ملڪگير ۾ هڙتال جو اعلان
غيرت جي نالي تي زال ۽ سندس دوست قتل
ڪراچي: اورنگي ٽائون ۽ بلال ڪالوني ۾ پوليس مقابلا، 3 ڄڻا مارجي ويا
اختلاف پنهنجي جاءِ تي، صوبي جي امن لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو: ڪنڊي
ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه سامونڊي جهاز پهچي ويا
ايران سان ڳالهيون سٺي مرحلي ۾ آهن: ٽرمپ
ايف بي آر آڪٽوبر ۾ هدف کان گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو، دستاويز
12 ضلعن لاءِ 30 کان 40 ارب رپين جي ضرورت آهي: آءِ جي
ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جو روادار روح
ڀارت کان ايندڙ هوائون فضائي معيار خراب ڪن پيون : مريم اورنگزيب
دلجيت سان اختلاف، اڀيجيت ڊپڪي معافي وٺي ڇڏي










