افغانين خلاف آپريشن، مڇريل ماڻهن جي پوليس تي فائرنگ

افغانين خلاف آپريشن، مڇريل ماڻهن جي پوليس تي فائرنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۽ جمالي ڳوٺ وارن علائقن ۾ مڇريل ماڻهن پوليس تي لٺن سان حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي. ذريعن موجب ڪاوڙيل ماڻهن جي حملي سبب پوليس موبائل کي نقصان پهتو، پر آفيسر محفوظ رهيا.سهراب ڳوٺ پوليس جمالي ڳوٺ ۾ غير قانوني افغانين خلاف آپريشن ڪري رهي هئي. آپريشن دوران، غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين کي حراست ۾ ورتو ويو.جوابدارن حملو ڪيو ۽ پوليس جي حراست مان افغانين کي ڇڏايو.

پهنجو تبصرو موڪليو