اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد: جسٽس امين الدين خان آئيني عدالت جي پهرين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو، پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جسٽس امين الدين کي عهدي جو حلف کڻايو. وزيراعظم شهباز شريف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ وفاقي وزير پڻ تقريب ۾ موجود هئا، ھوڏانھن وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن عهدي جو حلف کڻي ورتو، پهرين مرحلي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن حلف کنيو جنھن ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس باقي نجفي، ۽ جسٽس عامر فاروق شامل آھن، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان ٽنهي ججن کي حلف ورتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر به حلف برداري تقريب ۾ موجود هئا. ان کان اڳ، قانون واري وزارت وفاقي آئيني عدالت جي ججن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو . نوٽيفڪيشن موجب، وفاقي آئيني عدالت ۾ 6 جج هوندا، جن ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس روزي خان بلوچستان کان هوندا. نوٽيفڪيشن موجب، پشاور هاءِ ڪورٽ کان جسٽس ارشد حسين شاهه آئيني عدالت جو جج هوندو.
مشهور خبرون










