سپريم ڪورٽ جي ڪينٽين ۾ سلينڊر ڌماڪو، 12 ڄڻا زخمي

سپريم ڪورٽ جي ڪينٽين ۾ سلينڊر ڌماڪو، 12 ڄڻا زخمي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي عمارت ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ گيس سلينڊر جي ڌماڪي سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڌماڪي سبب سپريم ڪورٽ جي عمارت لڏي وئي.ڌماڪو سپريم ڪورٽ جي بيسمنٽ ۾ واقع ڪينٽين ۾ اي سي گيس جي پلانٽ ۾ ٿيو. ڌماڪي کان پوءِ وڪيل ۽ سپريم ڪورٽ جي عملي جا ماڻهو ٻاهر نڪري آيا. ذريعن موجب اسٽاف ڪينٽين ۾ اي سي جي مرمت جو ڪم جاري هو ته انهي دوران زوردار ڌماڪو ٿيو، واقعي جي جاچ جاري آهي. حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.آءِ جي اسلام آباد سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڪينٽين ۾ 10 لڳي 55 منٽن تي اي سي گيس جو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 3 زخمين کي پمز اسپتال ۽ 9 کي پولي ڪلينڪ منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي ۾ زخمي ٿيلن مان 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته ڪينٽين ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان گيس ليڪ ٿي رهي هئي، اي سي جي مرمت دوران ڌماڪو ٿيو. هن ٻڌايو ته ماهرن به ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي ته ڌماڪو گيس جو آهي. هن ٻڌايو ته اي سي ٽيڪنيشن وڌيڪ زخمي آهي، هڪ ٽيڪنيشن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو