امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو رد

امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو رد

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري کي جائز قرار ڏيندي سندن آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي جيل منتقل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ٻنهي ڄڻن جو رمانڊ ختم ڪري جيل اماڻيو وڃي. جنهن جي پنجن ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جڊيشل مئجسٽريٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته جوابدارن جو فوري طور تي رمانڊ ختم ڪري کين جيل اماڻيو وڃي. جيڪي به جوابدار آهن انهن جو ميڊيڪل ڪرائي پنجن ڏينهن ۾ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو