سکر(امداد ڪلوڙ) اڻڄاتل لٺ بردارن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙن تي حملو ڪري ڏنو، وڪيل ۽ فوٽو گرافر لٺيون لڳڻ سبب رتو رت ٿي ويا، پوليس نه پهتي. جمعي ڏينهن پريس ڪلب اڳيان سماجي اڳواڻ جي گرفتاري خلاف هڪ ڌر احتجاج ڪري رهي هئي ته احتجاج ڪندڙن تي اڻڄاتل لٺ بردارن حملو ڪري ڏنو. لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين شهر جو مصروف ترين روڊ جنگ جو ميدان بڻيل رهيو ۽ 10 کان وڌيڪ لٺ بردار احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسائيندا رهيا. ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪن لٺين جا ڌ ڪ سٺا لٺيون لڳڻ سبب وڪيل شھزادو ڊيهو ۽ سنڌي اخبار جو فوٽو گرافر گلزار شاھ رتورت ٿي ويا. ان دوران حد جي ٿاڻي سي سيڪشن ۽ ويجهي ٿاڻي جي پوليس نه پهچي سگهي ۽ حملو ڪندڙ لٺباز سولائي سان فرار ٿي ويا. فوٽو گرافر گلزار شاه کي ڪوريج دوران زخمي ڪرڻ جي سکر پريس ڪلب . سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ فوٽو گرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسيئيشن مذمت ڪئي آھي.
ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، پاڪستان جي مدد جاري رهندي: مشن چيف
پي ٽي آءِ جو آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت جو اعلان
آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ 3 ارب رپين جي منظوري
ڪڻڪ اسڪينڊل، ايم ڊي ۽ جي ايم پاسڪو معطل،ايپ تيار ڪريو
حساس ۽ ڳجهي معلومات ظاهر ڪندڙن خلاف ڪاراوئي جو فيصلو
هٿيارن جي نمائش ڪندڙ 5 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار
امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس،بنا وقفي بجلي ڏيڻ جو حڪم
گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس،پٽ جي گمشدگي تي پيءُ فوت
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 15 پئسا ٿي ويو
لطيف سائين جا تقدير بابت بيتَ….!
خميس کان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان
مٽياري ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت
ڪڻڪ جي پيداوار 42 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ٿي،شورو
تيلگو اداڪارا پاويترا جيارام خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت
بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 ميچون کٽيندڙ ڪپتان
آمريڪي رياست الاباما ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 15 زخمي
سنڌيار سکر 13 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 13 مئي 2024
خالد مقبول ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين چونڊجي ويو
پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان