ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 77 سال، ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 77 سال، ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) والاريل جمون، ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 77 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ پاڪستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، سموري دنيا ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.انهي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ ڀارتي ظلمن جي خلاف احتجاجي ريليون، واڪس، سيمينار ۽ تصويري نمائشن جو اهتمام ڪيو ويو آهي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين مرڪزي يڪجهتي واڪ منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ مختلف وزارتن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ عام شهري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا آهن. شاهراهه دستور، پارليامينٽ هائوس ۽ ڊي چوڪ تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان جا بينرز ۽ پوسٽرز لڳايا ويا آهن.وفاقي حڪومت جي نگراني هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي دنيا جي سامهون ظاهر ڪرڻ جي خصوصي مهم جاري آهي. جڏهن ته اطلاعات واري وزارت، پرڏيهي وزارت، پي ٽي اي ۽ اسلام آباد پوليس طرفان سخت انتظام ڪيا ويا آهن.ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، پشاور، مظفر آباد ۽ گلگت ۾ به ڪاري ڏينهن جي سلسلي ۾ احتجاجي واڪ، ريليون ڪڍيون پيون وڃن. صبح 10 وڳي ڪشميري شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. انهي موقعي تي مقررين عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺن ۽ ڪشميري عوام کي انهن جو حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.تعليمي ادارن ۾ به ڪاري ڏينهن جي حوالي سان خصوصي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن ۾ شاگرد ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ آزادي جي عزم کي ورجائي رهيا آهن. اڄ جو ڏينهن پوري قوم طرفان ڪشميري عوام سان ايمان جي رستي، عزم، حوصلي ۽ يڪجهتي جي تجديد جو ڏينهن قرار ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو