ڊي آئي خان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، هٿيار ۽ بارود هٿ

ڊي آئي خان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، هٿيار ۽ بارود هٿ

ڊيرا غازي خان: (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان ۾ سرچ آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا ۽ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو.ڊي پي او ڊيرا غازي خان طارق ولايت موجب، علائقي ۾ دهشتگردن خلاف ڪيترائي ڪامياب آپريشن ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ دهشتگرد علائقي مان فرار ٿي ويا.ڊي پي او چيو ته علائقي جي رهواسين آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، ۽ پنجاب حڪومت جي اپ گريڊيشن لاءِ 280 ملين رپين جي فنڊ پوليس جو حوصلو وڌايو آهي.هن چيو ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ڊيرا غازي خان جي سرحدي علائقن ۾ جديد ڊرون ۽ نگراني نظام کي فعال ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو