اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ڪڻڪ خريداري جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته هلندڙ سال جي لاءِ عبوري ڪڻڪ پاليسي جي ڊرافٽ کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي.فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته عبوري پاليسي جون سفارشون ايندڙ هفتي وفاقي ڪابينه کي پيش ڪئي ويندي، حڪومت گڏيل طور تي 6.25 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي. ذريعن موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آبادگارن کان خريداري نه ڪنديون، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نجي شعبي ذريعي ڪڻڪ خريد ڪنديون، نجي سيڪٽر هلندڙ سال ڪڻڪ خريداري جو عمل انجام ڏيندو.ذريعن ٻڌايو ته وفاق 1.5 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪندو، پنجاب 2.5 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪندو. سنڌ هڪ ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪندو، خيبرپختونخواهه 7.5 لک ۽ بلوچستان 5 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندو.حڪومت ڪڻڪ جي انڊيڪيٽو قيمت خريد 3500 روپيه في مڻ مقرر ڪري ڇڏي آهي جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌي ته پاڪستان ۾ به قيمت وڌائي ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف شرط تي ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر نه ڪئي وئي، ڪڻڪ جي صوبائي چرپر تي ڪابه پابندي نه هوندي.










