صوبي جي سڀني ڪاليجن جي عمارتن جو سروي جي هدايت

صوبي جي سڀني ڪاليجن جي عمارتن جو سروي جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪاليجز واري کاتي صوبي جي سڀني ڪاليجن جي عمارتن جو سروي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي۔ هن فيصلي جو مقصد ڪاليجن جي عمارتن جي موجوده حالت جو تفصيلي جائزو وٺي، انهن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي ڪم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي۔ اهي هدايتون سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ نديم ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڏنيون ويون، جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز نويد رب صديقي، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظير آباد سليمان سيال ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ شهيد بينظير آباد ريجن جي ڪاليجن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو۔ سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ هدايت ڪئي ته ميٽرڪ کان پوءِ داخلا وٺندڙ شاگردن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ته جيئن وڌيڪ شاگردن کي ڪاليجن ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ مؤثر حڪمت عملي تيار ڪري سگهجي۔ هن چيو ته وڌ ۾ وڌ شاگرد ڪاليجن جو رخ ڪن، ان سلسلي ۾ سفارشون پڻ پيش ڪيون وڃن۔ اجلاس دوران سيڪريٽري ڪاليجز ڪاليجن جي عمارتن جي موجوده حالت تي بي اطميناني جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته سڀني عمارتن جو تفصيلي سروي ڪيو وڃي ۽ مرمت ۽ سار سنڀال بابت رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڪنهن به نئين ڪاليج جي عمارت جي تعمير کان اڳ زمين جو ٽيسٽ لازمي قرار ڏنو وڃي۔ اجلاس ۾ يونيورسٽين سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ فيس بابت شاگردن جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليجز چيو ته هن سلسلي ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي سان صلاح مشورو ڪيو ويندو ۽ چار سالن واري ڊگري پروگرام لاءِ يونيورسٽي ايڦيليئيشن سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سفارشون ڏنيون وينديون۔ سيڪريٽري ڪاليجز ڊي جي ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي ڪاليجن طرفان وصول ٿيندڙ فيسن جي انگن اکرن تي ٻڌل تفصيلي ڊيٽا تيار ڪيو وڃي۔ هن چيو ته ڊگري ڪاليجن ۾ اسڪالرشپس ۽ فيس ۾ رعايت بابت قدم وزيرِ تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه جي هدايتن مطابق کنيا ويندا۔ اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته خالدآباد، ڀرياروڊ، ٺاروشاهه ۾ گرلز ڊگري ڪاليجن، پڊعيدن ۾ گرلز ڪاليج، ٻانڌي ۾ ڊگري ڪاليج، ڄام مدد علي (ڄام نواز علي) ۾ بوائز/گرلز ڪاليج ۽ سنجهورو ۾ ڪاليج جون اسڪيمون تعمير هيٺ آهن۔ سيڪريٽري ڪاليجز هن سلسلي ۾ هدايت ڪئي ته تعمير هيٺ ستن ڪاليجن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ ڪاليجن ۾ استادن ۽ ٻين عملي جي کوٽ جهڙا مسئلا به زيرِ غور آيا، جن تي سيڪريٽري نديم ميمڻ چيو ته شهيد بينظير آباد ڊويزن جي سڀني 34 ڪاليجن کي هر حال ۾ فعال رکڻ ضروري آهي۔ استادن ۽ عملي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سڀني خالي آسامين جي تفصيل فراهم ڪئي وڃي۔ هن ٻڌايو ته گريڊ 18 کان 20 تائين جي 1256 آسامين بابت پبلڪ سروس ڪميشن کي خط موڪليو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڀرتيون مڪمل ٿيڻ سان ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي۔ اجلاس ۾ شهيد بينظير آباد ريجن جي 34 ڪاليجن جي پرنسپالن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ريجن جي انهن 34 ڪاليجن ۾ گڏيل طور 59,322 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن مان 33,378 انٽرميڊيئيٽ، 25,868 ٻه ساله ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ۽ 76 شاگرد چار ساله ڊگري پروگرام ۾ داخلا ورتل آهن۔ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 11، سانگهڙ ۾ 11 ۽ نوشهروفيروز ۾ 12 ڪاليج قائم آهن، جڏهن⁠ته ريجن ۾ چار سالن واري ڊگري پروگرام هلائيندڙ ڪاليجن جو انگ 5 آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو