ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿيل سپرنٽينڊنٽ آف پوليس(ڊي ايس پي) نوشڪي، يوسف ريڪي جو لاش اڄ صبح هٿ آيو آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته آفيسر کي نامعلوم ماڻهن اغوا کان پوءِ فائرنگ ڪري شهيد ڪيو، اهو واقعو صوبي ۾ جاري سيڪيورٽي چيلنجز جي هڪ ڏکوئيندڙ مثال آهي جتي قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن کي نشانو بنايو پيو وڃي. پوليس ذريعن موجب شهيد ڊي ايس پي يوسف ريڪي ڇنڇر ۽ آچر جي رات نوشڪي مان ڪوئٽه طرف سفر ڪري رهيو هو جڏهن مستونگ جي علائقي ڪرد گاپ ۾ نامعلوم هٿياربندن انهي کي اغوا ڪري ورتو، اغوا وقت هو پنهنجي ذاتي گاڏي ۾ اڪيلو هو ۽ اهو واقعو رات جي اونداهي ۾ پيش آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙ آفيسرن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي تشدد جو نشانو بنايو ۽ پوءِ انهي کي شهيد ڪري ڇڏيو. اڄ صبح ڪرد گاپ جي ڀرسان واقع ڪلي شربت خان مان يوسف ريڪي جو لاش هٿ آيو جيڪو سخت زخمي حالت ۾ هو. لاش جي هٿ اچڻ جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جن علائقي کي مڪمل طور تي گهيري ۾ وٺي شاهديون گڏ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو جنهن ۾ گولين جا خول، رت جا نشان ۽ ٻيو فرانزڪ مواد شامل آهي.پوليس آفيسرن جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان خبر پوي ٿي ته آفيسر کي ويجهي کان فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو انهي جي موت جو سبب سيني تي لڳل گولين جا زخم آهن. لاش کي فوري طور تي ضروري ڪارروائي جي لاءِ مستونگ جي ضلعي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي.اسپتال ذريعن ٻڌايو ته لاش جي حالت مان ظاهر ٿئي ٿو ته آفيسر کي اغوا کان پوءِ تشدد جو نشانو بنايو ويو، پوليس اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.










