رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني حياتين جي تحفظ لاءِ ڪرڻي آهي

رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني حياتين جي تحفظ لاءِ ڪرڻي آهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني حياتين جي تحفظ لاءِ ضروري آهي، تمام جلد ٻنهي ڀائرن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته مذهبي پارٽي جي احتجاج دوران پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو ويو. گاڏيون ڦر ڪيون ويون، باهيون ڏنيون ويون، شهرين جي ملڪيتن کي نقصان به پهچايو ويو.هن چيو ته عبادتگاهن کي ساڙڻ ۽ غير مسلمانن سان زيادتي جو اسان جو مذهب درس نٿو ڏئي. غزه ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ نڪرندڙن باهيون ڏنيون. ٽي ايل پي جي ماڻهن گوليون هلايون. ڪوڪا لڳل ڏنڊا، غليل ۽ پستول استعمال ڪيا، پوليس وارن کي انهن جي پسٽل جون گوليون لڳل آهن، انهن جي گولين سان ماڻهو قتل ٿيا.اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته ٽي ايل پي بابت فيصلو ڪجهه دير ۾ وفاقي حڪومت طرفان ٿيڻ جو امڪان آهي وفاقي حڪومت ئي هاڻ انهي انتها پسند پارٽي جي مقدر جو فيصلو ڪندي جڏهن ته رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني حياتين جي تحفظ تي ڪرڻي آهي، ٻنهي ڀائرن جي گرفتاري جلد عمل ۾ آندي ويندي.عظميٰ بخاري چيو ته جيڪهن هي ٻيهر ڪوشش ڪندا ته منهنجو مشورو آهي ته نه ڪريو ڇو ته اوهان رياست سان نٿا وڙهي سگهو، هن حڪومت جيڪو به فيصلو ڪيو آهي انهي تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته مارڪيٽ بند ڪرائڻ، ٽرانسپورٽ روڪڻ جي ڪوشش تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا، انتهاپسند جٿن جي پوسٽرز، پبلسٽي تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ڪابه مسجد بند نه ڪئي وئي آهي.عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ڪنهن به قسم جي هٿيار جو لائسنس هاڻ جاري نه ٿيندو اسان کي پنجاب کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻو آهي. جن هٿيارن جي ڊيلرز وٽ لائسنس نه هئا انهن جون دڪانون سيل ڪيون ويون آهن. 90 هٿيارن جي ڊيلرز جي ڪاغذن جي جانچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 511 هٿيار ڊيلرز لائسنس جي توثيق لاءِ درخواست ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو