نقوي جي قادري سان ملاقات، مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور

نقوي جي قادري سان ملاقات، مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سني تحريڪ جي چيئرمين محمد ثروت اعجاز قادري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، سنڌ جو سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه به گهرو وزير سان گڏ هئا. ملاقات ۾ عالمن جي قيمتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، گهرو وزير محسن نقوي چيو ته مدرسن يا مسجدن جي بندش بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ڪو به مدرسو يا مسجد بند نه ڪئي ويندي، اسلام امن ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، هتي تشدد ۽ فساد جي ڪا به گنجائش ناهي، هن چيو ته سچائي جي جنگ ۾ به عالمن جو ڪردار تمام اهم رهيو آهي، پاڪستان ترقي لاءِ نڪري چڪو آهي، انهن حالتن ۾ سڀني کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر ڪنهن کي قانون جي دائري ۾ احتجاج ڪرڻ جو حق آهي، اڄ سڀني کي پاڪستان لاءِ متحد ٿيڻو پوندو،ان موقعي تي چيئرمين پاڪستان سني تحريڪ ثروت اعجاز قادري مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

پهنجو تبصرو موڪليو