خيرپور: (ن س) خيرپور ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن دوران عورت مبينه طور پنهنجي چئن ٻارن ۽ مڙس کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته 6 ئي لاش اسپتال منتقل ڪري پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.ان حوالي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته فوتين ۾ نويد آرائين، احمد علي، موسيٰ، مصورہ ،علي شير، اقصيٰ شامل آهن.پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته عورت اهي قتل ڪيا آهن پر هڪ پسٽل عورت جي هٿ مان مليو آهي وڌيڪ جاچ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون هوڏانهن علائقي ۾ واقعي کان پوءِ خوف ۽ حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.










