اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قتل جي ڪيس ۾ سزا يافته هڪ قيدي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان کي جيل ۾ ملندڙ سهولتن جهڙيون سهولتون گهري ورتيون، سزا يافته قيدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جيل ۾ سهولتن بابت درخواست داخل ڪرائي آهي.عدالت ڪيس کي وڏي بينچ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي،عدالت چيو ته جيڪڏهن چيف جسٽس مناسب سمجهي ته کيس وڏي بينچ ۾ مقرر ڪيو وڃي. اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.










