حيدرآباد: (ن س ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن، لُٽ مار ۽ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، حڪمرانن جي بي حسي ۽ نااهلي سبب عوام جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. هن چيو ته سرڪاري ادارا رشوت، سفارش ۽ اقرباپروري جا مرڪز بڻجي چڪا آهن، جتي عوام کي پنهنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ به پئسو ۽ سفارش گهرجي.ڊاڪٽر مگسي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي هڪ محدود طبقو قابض آهي، جيڪو عوام جي محنت ۽ وسيلن تي عياشي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته غريب ماڻهو بُک، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ ۾ پسجي رهيا آهن. هن چيو ته اسپتالن ۾ دوائون نه آهن، اسڪول خالي پيا آهن، ۽ شهر گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن، پر حڪمرانن جا بنگلا ۽ اثاثا وڌي رهيا آهن. ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته ڪرپشن سنڌ جي ترقيءَ جو سڀ کان وڏو دشمن بڻجي وئي آهي، جنهن سبب نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن ۽ وزيرن خلاف شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ادارن کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو وڃي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي عوام سان گڏ ڪرپشن، ناانصافي ۽ حڪومتي نااهليءَ خلاف عوامي سجاڳي جي مهم هلائيندي ، ڇوتہ سنڌ کي بچائڻ لاءِ ايماندار ۽ عوام دوست نظام جي ضرورت آهي.،










