واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چوي ٿو ته پاڪ-افغان جنگ ختم ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام آسان آهي، صدر ٽرمپ اوول آفيس ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته هن 8 جنگيون روڪيون، جن ۾ پاڪستان-ڀارت جنگ به شامل آهي، آمريڪي صدر چيو ته پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف کيس ٻڌايو ته مون پاڪ-ڀارت جنگ ختم ڪري لکين جانيون بچايون، اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت ٻه ڏينهن اڳ طئي ٿيل جنگ بندي جي مدت کي وڌائڻ تي متفق ٿيا آهن، پاڪستان ۽ افغانستان فيصلو ڪيو آهي ته 48 ڪلاڪن جي جنگ بندي دوحا ۾ ڳالهين جي خاتمي تائين جاري رهڻ گهرجي،هڪ پاڪستاني وفد ڳالهين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اڄ دوحا پهچندو، جڏهن ته افغان طالبان حڪومت جو هڪ وفد به ڳالهين لاءِ اڄ دوحا ويندو.










