حيدرآباد ۾ افغانين خلاف ڪومبنگ آپريشن، 12 گرفتار

حيدرآباد ۾ افغانين خلاف ڪومبنگ آپريشن، 12 گرفتار

حيدر آباد (ن س)حيدرآباد ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو. پوليس جي وڏي نفري شاهه لطيف ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن ڪيو. پوليس ترجمان موجب آپريشن دوران شڪي ماڻهن جي بايوميٽرڪ ذريعي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته 12 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ تصديق لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊئي جو چوڻ آهي ضلعي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو