لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته سڄي دنيا غزه جنگ بندي جي معاملي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪري ٿي پر هتي هڪ پارٽي غزه لاءِ احتجاج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته احتجاج جو اعلان هڪ مذهبي جماعت پاران ڪيو ويو جڏهن غزه امن معاهدي تي صحيحون ٿي چڪيون هيون، احتجاج دوران توهين ۽ ملڪيت کي نقصان پهچايو ويو، پرتشدد مظاهرين ملڪ ۽ عوام جا خيرخواه نه ٿا ٿي سگهن، ڇا پوليس گاڏين کي ساڙڻ سان غزه جو مسئلو حل ٿيو، رياست فيصلو ڪيو ته پاڪستان اهڙن احتجاجن ۽ توهين آميز عملن جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ لاءِ سمري وفاقي حڪومت کي موڪلي وئي آهي.










