ڪي پي جي وڏي وزير جي چونڊ، 4 اميدوار ن جا ڪاغذ منظور

ڪي پي جي وڏي وزير جي چونڊ، 4 اميدوار ن جا ڪاغذ منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ نامزدگي جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. چار اميدوارن پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا آهن ۽ اميدوارن جي آخري فهرست جاري ڪئي وئي، خيبرپختونخواهه جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ چار اميدوار ميدان ۾ اچي ويا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي، پيپلز پارٽي جي ارباب زرڪ، مسلم ليگ ن جي سردار جهان ۽ جي يو آءِ-ايف جي مولانا لطف الرحمان پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي سڏايو ويو آهي، اجلاس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي. نئين ليڊر آف دي هائوس جي چونڊ هٿ ڏيکارڻ ذريعي ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ کي 90 آزاد ميمبرن جي حمايت سان مضبوط برتري حاصل آهي، جڏهن ته وڏي وزير کي 73 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو