ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اوپن اي آءِ (OpenAI) جو چوڻ آهي ته ان جي ٽيڪسٽ يعني اکرن کي وڊيو ۾ تبديل ڪرڻ واري مصنوعي ذهانت جي ايپ “سورا” (Sora) جو نئون ورزن پنجن ڏينهن کان به گهٽ وقت ۾ هڪ ملين (10 لک) ڀيرا ڊائونلوڊ ڪيو ويو. جيڪو ڊائون لوڊ جي ان رفتار ۾ لانچ وقت ChatGPT کان به اڳتي نڪري ويو آهي. هي ايپ، جيڪا آمريڪا ۾ ايپل اسٽور جي چارٽس ۾ سڀ کان مٿي آهي، سادي ٽيڪسٽ پرامپٽ مان ڏهه سيڪنڊ ڊگها حقيقت جهڙا وڊيوز تيار ڪري ٿي. هي انگ “سورا” جي سربراهه بل پيبلز (Bill Peebles) طرفان X (اڳوڻي ٽوئٽر) تي پوسٽ ذريعي ظاهر ڪيا ويا، جنهن چيو ته ايپ جي “تيز رفتاري سان وڌندڙ مقبوليت” ان باوجود به ڏٺي پئي وڃي جو اها صرف اتر آمريڪا ۾ دعوت ملندڙ ماڻهن لاءِ موجود آهي. ان ايپ جي ڪاپي رائيٽ مواد جي استعمال ۽ مُرده مشهور شخصيتن جي تصويرن بابت طريقيڪار تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
سوشل ميڊيا تي ڇانيل “سورا” وڊيوز
“سورا” ايپ ذريعي تيار ڪيل وڊيوز کي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ تمام آسان آهي، جنهن سبب سوشل فيڊز تي اهڙين وڊيوز جو سيلاب اچي ويو آهي. ڪجهه وڊيوز ۾ مُرده سيلبرٽيز جهڙوڪ موسيقار مائيڪل جيڪسن ۽ ٽوپيڪ شاڪر (Tupac Shakur) کي به ڏيکاريو ويو آهي. ٽي ڏينهن اڳ، زيلڊا وليمز (Zelda Williams)، جيڪا مرحوم آمريڪي اداڪار ۽ مزاحيه فنڪار رابن وليمز جي ڌيءُ آهي، ماڻهن کي اپيل ڪئي ته مهرباني ڪري سندس والد جا AI ذريعي تيار ڪيل وڊيوز موڪلڻ بند ڪن. هن جي اها اپيل “سورا” جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.
تاريخي شخصيتون ۽ “اظهارِ راءِ”
بي بي سي موجب، اوپن اي آءِ جي ترجمان آمريڪي نيوز سائيٽ Axios کي اي ميل ذريعي ٻڌايو ته تاريخي شخصيتن جي ڏيک ڏيکارڻ ۾ “آزاديءِ اظهار جا اهم مفاد” شامل آهن. پر ترجمان اهو به چيو ته تازو فوت ٿيل شخصيتن لاءِ سندن “اختيار يافته ماڻهن” کي اهو حق هوندو ته هو درخواست ڏئي سگهن ٿا ته انهن جا چهرا يا تصويرون استعمال نه ڪيون وڃن پر “تازو فوت ٿيل” جي وضاحت نه ڪئي وئي.
ڪاپي رائيٽ ۽ قانوني خطرا
سورا ذريعي تيار ڪيل ڪيترن ئي وڊيوز ۾ فلم، ٽي وي ۽ راندين جي ڪردارن جون تصويرون به شامل آهن. هڪ سورا ڊيپ فيڪ وڊيو ۾، اوپن اي آءِ جو سربراهه سيم آلٽمين (Sam Altman) ڪيترن ئي پوڪيمون (Pokémon) ڪردارن سان گڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ چوي ٿو: “مون کي اميد آهي ته نِنٽينڊو اسان تي ڪيس نه هلائيندو!” هڪ ٻي وائرل وڊيو ۾، هو مشهور ڪردار پيڪاچو (Pikachu) کي “گرل” ڪري کائيندي ڏيکاريو ويو آهي. نِنٽينڊو (Nintendo) اڃا تائين ڪنهن قانوني ڪارروائي جو اعلان ناهي ڪيو، پر ڪيتريون ئي AI ڪمپنيون جن ۾ اوپن اي آءِ به شامل آهي، هن وقت ڪاپي رائيٽ هولڊرن سان عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيون آهن. اهي ڪيس مالي طور تمام مهانگا ثابت ٿي سگهن ٿا. اينٿروپڪ (Anthropic) نالي هڪ AI ڪمپني 1.5 بلين ڊالر (1.11 بلين پائونڊ) ڏنڊ طور ادا ڪرڻ تي راضي ٿي آهي، جيڪو ليکڪن جي طرفان دائر ڪيل ڪلاسي ايڪشن ڪيس ۾ طئي ٿيو، جن چيو ته ڪمپني انهن جي لکڻين کي بغير اجازت AI ماڊلز جي تربيت لاءِ استعمال ڪيو.
اوپن اي آءِ جو نئون لائحه عمل
اوپن اي آءِ چيو آهي ته هو انهن مسئلن بابت پنهنجو طريقو تبديل ڪري رهي آهي. 4 آڪٽوبر تي سيم آلٽمين هڪ بلاگ ۾ لکيو ته ڪمپني “جلدي سکندي پئي وڃي ته ماڻهو سورا کي ڪيئن استعمال ڪن ٿا” ۽ “استعمال ڪندڙن، حق رکندڙن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان موصول ٿيل راءِ” تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪمپني “حق رکندڙن کي ڪردارن جي تخليق تي وڌيڪ تفصيلي ڪنٽرول” ڏيندي. ان سان گڏ هن اها به ڳالهه ڪئي ته مستقبل ۾ ڪنهن آمدني ورهائڻ واري نظام (Revenue-sharing system) جو امڪان آهي. البته، ڏسڻو اهو آهي ته حق رکندڙ واقعي سورا جي وڊيوز کي سيم آلٽمين جي لفظن ۾ “نئين قسم جي انٽرايڪٽو فين فڪشن (interactive fan fiction)” طور قبول ڪن ٿا يا اهو معاملو عدالتن تائين پهچندو.










