پنجاب حڪومت اسانجي اوٽ ۾ وزيراعظم خلاف سازش پئي ڪري

پنجاب حڪومت اسانجي اوٽ ۾ وزيراعظم خلاف سازش پئي ڪري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب حڪومت جو اصل نشانو وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم آهي. هو پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري چاهين ٿا ته پي پي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ڪري پر اسين اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙو اظهار هن آچر تي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. شرجيل ميمڻ چيو ته اسين ايشو ٽو ايشو وفاقي حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون جيئن سياسي نظام هلي. هن چيو ته مونکي خبر ناهي ته هي (پنجاب حڪومت) ڇو ٿي حسد ڪري؟ تازو وزيراعظم ۽ آرمي چيف سعودي عرب ۽ آمريڪا جا ڪامياب دورا ڪيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته هي سوچيندا هجن ته اهڙي ڪاميابي کين ڇو نه ملي؟ شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن به وزيراعظم صاحب سنڌ يا بلوچستان جو دورو ڪندو آهي ته انهن صوبن جا وڏا وزير سندس استقبال ڪندا آهن پر وزيراعظم کي پنجاب ۾ اهڙو پروٽوڪول نٿو ملي. هن مريم نواز جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جيڪڏهن اوهان کي وزيراعظم سان ڪو مسئلو آهي ته پاڻ تائين رکو، پي پي کي ان ۾ شامل نه ڪريو. هن پنجاب حڪومت کي صلاح ڏني ته اوهان ٻوڏ متاثرن جي مدد تي فوڪس ڪريو، خاص ڪري ڏکڻ پنجاب م ماڻهن جي حالت خراب آهي، انهن جي مدد ڪريو. هي الزام ٿا هڻن ته اسين ٻوڏ تي سياست ٿا ڪريون، مان واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته اسين ان تي سياست نٿا ڪريون، اسانکي پنجاب جي بدتر حالتن تي ڳڻتي آهي. سياست ته اهي پيا ڪن جيڪي بسڪوٽن جي دٻن تي به پنهنجا فوٽو ٿا هڻن. شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول صاحب وفاقي حڪومت کي چيو هو ته عالمي امداد جي اپيل ڪريو ۽ بينظير انڪم سپورٽ ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريو پر ان جي مخالفت پنجاب حڪومت پئي ڪري. ٻئي پاسي پنجاب جي اطلاعات واري وزير اعظميٰ بخاري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ شرجيل ميمڻ ڳالهيون ڪرڻ بدران سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ کي پنجاب جي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ گهڙڻ جو شوق آهي، سنڌ جون حالتون ته ڏسو، ڏکڻ پنجاب جي حالت سنڌ کان بهتر آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڪائونٽ تان ڪيل هڪ ٻئي پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ ذريعي مدد ڪرڻي آهي ته پنهنجا وسيلا استعمال ڪريو ۽ شوق پورو ڪريو. ياد رهي ته ٻنهي پارٽين ۾ گذريل ڪيترن مهينن کان مختلف اشوز تي اختلاف هلندڙ آهن ۽ ٻنهي ۾ لفظي جنگ به هلي پئي. چولستان پروجيڪٽ هجي يا سيلاب، ترقياتي رٿائون هجن يا ڪي ٻيا معاملا ، ٻئي پارٽيون کلي عام هڪٻئي تي تنقيد ڪنديون رهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو