جيالا قيادت جي عوامي خدمت واري مشن کي اڳتي وڌائين پيا،جمالي

جيالا قيادت جي عوامي خدمت واري مشن کي اڳتي وڌائين پيا،جمالي

دادو(ن س)قومي اسيمبليءَ جی میمبر ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جو ڊپٽی سيڪريٽري جنرل سردار رفيق احمد جمالي ڪارڪنن جي اعزاز ۾ تقريب جو اهتمام قومي اسيمبليءَ جو رڪن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جو سيڪريٽري جنرل سردار رفيق احمد جمالي پيپلزپارٽي دادو جي سوشل ميڊيا ڪارڪنن جي اعزاز ۾ هڪ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو. ان موقعي تي ڪارڪنن جي شاندار محنت ۽ خدمتن جي سڃاڻپ ۾ سڀني کي اجرڪ ۽ سندهي ٽوپي پارائي وئي. خطاب دوران سردار رفيق احمد جمالي ڪارڪنن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪارڪنن پارٽي جو پيغام اجاگر ڪرڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو واقعي لائقِ تحسين آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اصل طاقت ان جا جيالا آهن، جيڪي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ عوامي خدمت ۽ پارٽي جي مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.ڪارڪنن هن عزت افزائي تي خوشي ۽ جوش و خروش جو اظهار ڪيو ۽ عزم ظاهر ڪيو ته هو قيادت جي ويزن مطابق پارٽي جو پيغام وڌيڪ مؤثر انداز ۾ عوام تائين پهچائيندا رهندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو