ايندڙ جائزي ۾ٻوڏ جي معيشت تي اثرن کي خاطر ۾ آندو وڃي

ايندڙ جائزي ۾ٻوڏ جي معيشت تي اثرن کي خاطر ۾ آندو وڃي

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف اربع تي آءِ ايم ايف تي زور ڀريو آهي ته ايندڙ جائزي دوران پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ کي خاطر ۾ آڻيو ۽ ٿيل تباهي کي به نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙو اطهار هن آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. گڏيل قومن جي 80 هين اجلاس جي موقعي تي سائيڊ لائين تي ٿيل ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان آءِ ايم سان طئي ڪيل حدف حاصل ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هزارين ايڪڙن تي تباهه ٿيل فصلن ۽ موٽر وي لڙهي وڃڻ سميت برباد ٿيل انفرااسٽرڪچر جي بحالي تي به وڏو خرچ ڪرڻو آهي ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه حدف گهٽ حاصل ٿين. هن چيو ته مئي ۾ مقرر ڪيل آءِ ايم ايف جا 7 ئي ڪئانٽيٽيٽو ڪارڪردگي جا معيار (QPC) مڪمل ڪرڻ جي توقع آهي، آءِ ايم ايف جي ٽيم 25 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندي، جتي 7 ارب ڊالر واري EFF معاهدي هيٺ 2025 جي پهرين ڇهن مهينن تائين ملڪ جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي. هي جائزو مارچ کان جون واري ٽي ماهي لاءِ پاڪستان جي اهم معاشي حدفن جي پيشرفت جو اندازو لڳائيندي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ جي هڪ بيان مطابق: “وزيراعظم هن ڳالهه تي زور ڏيندي ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام هيٺ مختلف حدف۽ ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مستقل اڳتي وڌي رهيو آهي، پر تازي ٻوڏ جي پاڪستان جي معيشت تي پيل اثرن تي به غور ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو