لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن کي پنهنجي لاءِ الله طرفان مهمان قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ هارين کي 20 هزار روپيه في ايڪڙ جي حساب سان امداد ڏيندي. ساهيوال ۾ اليڪٽرڪ بسن جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ساهيوال جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون کڻي آئي آهيان جنهن ۾ ماڻهو باعزت طريقي سان سفر ڪندا، ساهيوال جا ماڻهو جيڪو سفر سوين روپين ۾ ڪندا هئا هاڻ صرف 20 روپين ۾ ڪندا.مريم نواز ٻڌايو ته بس سروس عورتن، اسپيشل ماڻهن، برگن ۽ شاگردن جي لاءِ فري آهي. جڏهن ته بس ۾ اسپيشل ماڻهن جي لاءِ خصوصي ريمپ به ٺاهيو ويو آهي. بس ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳل آهن. مانيٽرنگ ڪندا ته ڪٿي عورتن کي حراسان نه ڪيو وڃي.هن چيو ته ساهيوال وارا نوازشريف سان ۽ نوازشريف ساهيوال وارن سان پيار ڪندو آهي. ايڪسپريس وي ٺاهيا ته نواز شريف ٺاهيا، ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته نوازشريف ڪيا، ملڪ مان نوازشريف جون خدمتون ڪڍي ڇڏيون ته کنڊرن کان سواءِ ڪجهه به نه بچندو.مريم نواز چيو ته معرڪه حق ۾ اسان تاريخي فح حاصل ڪئي. معرڪه حق ۾ ڪاميابي سان دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو اهم سنگ ميل آهي. مڪو ۽ مدينو اسان جي لاءِ پاڪ ڌرتي آهي، پاڪستان هاڻ خادمين الحرمين الشريفين ۾ شامل ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ پاڪستان جي تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي، 25 لک ماڻهن کي ٻوڏ اچڻ کان پهريان محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو. ٻوڏ ۾ ڦاٿل لکين ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو. 2 ملين کان وڌيڪ جانورن کي به محفوظ هنڌن تي پهچايو ويو.هن چيو ته جيترن ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو انهن کي مان پنهنجو مهمان سمجهان ٿي منهنجي لاءِ اهي ٻوڏ متاثر نه پر الله جا مهمان آهن، ٻوڏ متاثرين کي عزت سان ميز ڪرسي تي کاڌو ڏنو پيو وڃي جنهن جو گهر مڪمل تباهه ٿيو انهي کي 10 لک روپيه ملندا، جنهن جو مٽيءَ جو گهر ڪريو انهي کي 5 لک روپيه ڏنا ويندا.مريم نواز چيو ته جنهن جي ڳئون، مينهن پاڻي ۾ لڙهي وئي آهي انهي کي 5 لک روپيه ملندا جنهن جي رڍ ٻڪري لڙهي وئي آهي انهي کي 50 هزار روپيه ملندا. ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي هارين کي 20 هزار روپيه في ايڪڙ امداد ڏينداسين. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته پنجاب جي هر ضلعي ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن. وزيراعليٰ جو ڪم آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيٺل هجون، ڪوبه اهڙو شخص نه هو جيڪو حڪومت ۾ هجي ۽ سک سان ننڊ ستل هجي، 15 لک گهراڻن کي راشن ڪارڊ ڏنو پيو وڃي پنهنجي گهر اسڪيم جي تحت 80 هزار گهر بڻجي رهيا آهن.










