ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي وچ ۾ ايم 9 سپر هاءِ وي جي زمين جي معاملي تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي. اين ايڇ اي ايم 9 سپر هاءِ وي جي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته سنڌ حڪومت زمين ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. زمين جي تڪرار تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو جنهن تي عدالت معاملو حل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ڪميٽي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جڏهن ته اين ايڇ اي چيئرمين سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي زمين منتقلي جي لاءِ خط لکي ڇڏيو. ايم 9 سپر هاءِ وي کي 4 کان 6 لين موٽر وي ۾ ُاڌ ڏيڻ جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي ۽ انهي حوالي سان ملائيشين ڪمپني سان معاهدي ۾ واڌ جاري آهي. سنڌ حڪومت 2012 ۾ زمين جي الاٽمينٽ قيمت جي ادائيگي سان مشروط ڪئي هئي جڏهن ته سرڪاري رپورٽ موجب اين ايڇ اي وٽ زمين جي ادائيگي لاءِ فنڊز موجود نه آهن. ايم 9 سپر هاءِ وي جي لاءِ ملير مان 1347، ڄامشورو مان 4954 ۽ ٺٽي مان 1340 ايڪڙ زمين ضروري آهي جڏهن ته ڊائريڪٽر لينڊ رڪارڊ جي رپورٽ ۾ سپر هاءِ وي جي رڪارڊ ۾ 264 فوٽ ويڪر ظاهر ڪئي وئي آهي. اين ايڇ اي سپر هاءِ وي جي ويڪر 640 فٽ تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي. سرڪاري دستاويز موجب سپر هاءِ وي 152 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، اين ايڇ اي صرف 136 ڪلو ميٽر جي لاءِ درخواست ڏني، پر ضلع شرقي، ڪراچي جي لاءِ اين ايڇ اي ڪابه درخواست جمع ناهي ڪرائي. سنڌ حڪومت 2017 ۾ زمين الاٽمينٽ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته زمين جو تڪرار 30 ڏينهن ۾ حل ڪيو وڃي. عدالت تڪراري زمين جو گڏيل سروي ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










