اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت موجب، پيٽرول جي قيمت برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2.78 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت موجب، پيٽرول جي قيمت 264.61 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي.2.78 رپيا في ليٽر واڌ کان پوءِ، ڊيزل جي نئين قيمت 272.77 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت موجب، نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.










