لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ترقي، منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب پنجاب جي معيشت کي 500 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي.بهيٽيان ۾ متاثرين کي امدادي سامان ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال ٻڌايو ته ٻوڏ سبب پنجاب کي 500 ارب روپين جي نقصان جو اندازو لڳايو ويو آهي. ٻوڏ جي نتيجي ۾ پنجاب جي لکين ايڪڙ ايراضي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته 4.3 سيڪڙو زرعي ايريا ۽ 45 لک ماڻهو متاثر ٿيا.احسن اقبال موجب تازو ٻوڏ اسان کي هڪ دفعو ٻيهر زراعت ۽ معيشت ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. پر حڪومت هن ڀيري ٻاهرين امداد يا قرضن جي بجاءِ پاڻ تي ڀاڙڻ تي ڌيان ڏئي. ڪشڪول کي هاڻ خدا حافظ چوڻ جو وقت اچي ويو آهي.وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ چيو ته 2025 جي ٻوڏ اسان کي هڪ دفعو ٻيهر اهو ڏيکاريو آهي ته موسمياتي تبديلي مستقبل جو خطرو نه پر هڪ موجوده حقيقت آهي. اڄ جي ورهاست صرف رليف جي سامان جي فراهمي نه آهي اهو يڪجهتي ۽ اميد جو پيغام آهي.ٻئي طرف پنجاب جي رليف ڪمشنر چيو آهي ته خطرناڪ ٻوڏ صورتحال مان 4 هزار 700 ڳوٺ متاثر ٿيا ۽ 104 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. اڄ چئني صوبن جي زرعي کاتن جو اجلاس گهرايو آهي. ٻئي پاسي سڀاڻي کان سانوڻي جي يارهين اسپيل جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت پنجاب جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.










