علوي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست، فيصلو جاري

علوي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست، فيصلو جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)سيشن ڪورٽ لاهور اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ايف آءِ اي کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايڊيشنل سيشن جج شفقت شهباز تحريري فيصلو جاري ڪيو آهي.شهري شهزاده عدنان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن موجب عارف علوي پنهنجي پرڏيهه تقرير ۾ توهين آميز لفظ استعمال ڪيا، ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ڪيس داخل نه ڪيو ويو.درخواست ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو