دوحه(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز چيو آهي ته قطر تي ٿيل حملو “هڪ اهڙي جارحيت هئي جيڪا عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي آهي.” هن چيو ته پاڪستان هن حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو مقصد وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ آهي. “هي قطر جي خودمختياري تي هڪ کليل حملو آهي ۽ اسين پنهنجن ڀائرن، قطري ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن دوحه ۾ او آءِ سي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ 50 کان وڌيڪ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي سربرهاي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته قطر تي اسرائيلي حملو ٻين حملن کان ڌار ناهي، هي اسرائيل جي سامراجيت پسند خواهش آهي ته سموري علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪري. ڳالهيون ڪندڙ ثالث جو ڪردار سدائين مقدس سمجهيو ويندو آهي ۽ اهي امن جي اميد هوندا آهن. وزيراعظم شهباز سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي، جنهن ۾ دفاع وارو وزير خواجه آصف، اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جا خاص مددگار طارق فاطمي شامل آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اڳ ۾ ئي دوحه ۾ موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال قطر جي وزير براءِ ثقافت، شيخ عبدالرحمان بن حمد آل ثاني ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف 11 سيپٽمبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحه ويو هو، جتي هن قطري امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني سان ملاقات ڪئي ۽ اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي خليجي رياست سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اڄ جو اجلاس قطر تي 9 سيپٽمبر تي ٿيل اسرائيلي حملي جي تناظر ۾ سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ حماس جا پنج ميمبر ۽ هڪ قطري سيڪيورٽي آفيسر مارجي ويا هئا. هي حملو وڏي عالمي طاقتن طرفان مذمت جو نشانو بڻيو، ۽ اهو تڏهن ٿيو جڏهن غزه ۾ جنگبندي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري هو، جنهن ۾ قطر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ” قطر جي امير چيو ته اسرائيل گذريل هفتي سندس ملڪ ۾ حماس جي ڳالهيون ڪندڙ نمائندن تي حملو ڪري غزه ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ چاهيو، ۽ اهو به چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جو خواب آهي ته پوري عرب دنيا اسرائيلي اثر هيٺ اچي وڃي. شيخ تميم بن حمد آل ثاني عرب ۽ اسلامي اڳواڻن کي ٻڌايو: “جيڪا ڌر منظم طريقي سان پنهنجي ڳالهين واري ڌر کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ان جو مقصد ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ آهي … سندن لاءِ ڳالهيون رڳو جنگ جو حصو آهن.” هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو “عرب علائقي کي اسرائيلي اثر واري دائري ۾ تبديل ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو، ۽ اها سندس خطرناڪ ڀُل آهي.” مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو ته اسرائيل جا هاڻوڪا قدم وچ اوڀر ۾ نون امن معاهدن جي امڪانن کي روڪي رهيا آهن. هن اسرائيل ڏانهن اشارو ڪندي عرب-اسلامي اجلاس ۾ چيو: “جيڪو ڪجهه هاڻي ٿي رهيو آهي اهو امن جي مستقبل کي روڪي ٿو، اوهان جي سلامتي ۽ علائقي جي ماڻهن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ٿو، ۽ نون امن معاهدن جي هر امڪان کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ٿو، ايتري قدر جو موجود معاهدا به ختم ٿي سگهن ٿا.” وزيراعظم شهباز کان علاوه، ايراني صدر مسعود پزشڪيان، عراقي وزيراعظم محمد شيا السوداني، ترڪ صدر رجب طيب اردوغان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به اڄ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. فلسطيني صدر محمود عباس آچر ڏينهن اجلاس جي شام کان اڳ دوحه پهتو هو. ايراني صدر چيو ته اسلامي ملڪن کي اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن۔ “ممڪن آهي ته اسلامي ملڪن کي هن جعلي ريجم سان لاڳاپا ختم ڪرڻا پون ۽ جيترو ٿي سگهي اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکڻو پوندو.” هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جنهن جمعي ڏينهن نيويارڪ ۾ قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني سان گڏ ڊنر ڪيو، اڄ جي اجلاس کان اڳ احتياط سان بيان ڏنو. هن صحافين کي چيو: “قطر هڪ وڏو ساٿي رهيو آهي، اسرائيل ۽ سڀني ٻين کي احتياط ڪرڻو پوندو. جڏهن اسين ماڻهن تي حملو ڪندا آهيون، ته احتياط ڪرڻ ضروري آهي.” آمريڪي صدر شروع ۾ اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو هو ته، هو هن حملي بابت “تمام ناخوش” آهي، پر ڪالهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته “هي ڳالهه اسان جي اسرائيل سان لاڳاپن جي نوعيت کي تبديل نه ڪندي.” روبيو اڄ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان ملاقات ڪري تل ابيب جي فوجي ڪارروائي ۽ ان جي غزه ۾ جنگبندي ڪوششن تي اثرات جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير ڊار ترڪيءَ جي هم منصب سان ملاقات ڪندي اسرائيل خلاف عالمي امن قائم رکڻ لاءِ قدمن جي گهر ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب ٻنهي اڳواڻن اسرائيل جي بي سبب ۽ ناجائز حملن جي سخت مذمت ڪئي، فلسطيني مسئلي لاءِ غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو، ۽ OIC ۽ عرب ليگ جي ڪردار کي مسلم امت جي گڏيل ڪارروائي لاءِ اهم قرار ڏنو.
مشهور خبرون










