اسرائيل جو قطر تي حملو رياستي دهشگردي قرار، جواب ڏيڻ جو اعلان

اسرائيل جو قطر تي حملو رياستي دهشگردي قرار، جواب ڏيڻ جو اعلان

دوحا (ويب ڊيسڪ)قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني دوحا ۾ اسرائيلي حملي کي ‘رياستي دهشتگردي’ قرار ڏنو آهي. اسرائيلي حملي کان پوءِ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾، قطري وزيراعظم چيو ته هو اسرائيلي حملي جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.هن اسرائيل کي پيغام ڏنو ته سندس ملڪ ڪڏهن به هن واقعي کي نظرانداز نه ڪندو.قطري وزيراعظم شيخ محمد چيو ته هو صرف بيانن ۽ مذمتن کان اڳتي وڌي جواب ڏيڻ لاءِ سڀ طريقا استعمال ڪري رهيو آهي، ۽ اسرائيل کي جوابده بڻائڻ لاءِ هڪ قانوني ٽيم پڻ ٺاهي پئي وڃي.هن چيو ته اسان جو يقين آهي ته اڄ اسان هڪ فيصلي واري موڙ تي پهچي چڪا آهيون ۽ اهڙين وحشياڻين ڪاررواين جو جواب سڄي علائقي مان ڏنو وڃي.قطري وزيراعظم چيو ته هي واقعو سڄي علائقي کي انتشار ڏانهن ڌڪي رهيو آهي ۽ اسرائيلي وزيراعظم سڄي علائقي کي انتشار ۾ وجهي رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته حملي جو وقت هڪ اهڙي ملاقات سان هو جنهن ۾ حماس جي ڳالهين ڪندڙ ٽيم غزه جنگ بندي معاهدي تي پهچڻ لاءِ آمريڪي تجويزن تي بحث ڪري رهي هئي، پر اسرائيل عمل کي سبوتاز ڪيو.ياد رهي ته اسرائيل قطر جي راڄڌاني دوحا تي هوائي حملي سان فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي مرڪزي قيادت کي نشانو بڻايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو